جان محمد مھر

جان محمد مھر

جان محمد مھر

جان محمد مھر: ڪاوش ۽ ڪي. ٽي. اين نيوز جي مشھور صحافي جان محمد ولد محمد پريل مھر جو جنم 3 مارچ 1981ع تي چَڪ شھر جي ستئوپور محلي ۾ ٿيو. 2004ع ۾ ايم اي (سماجيات) شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ڪئي. هن صحافت جي شروعات 1996ع ۾ پڙهڻ دؤران ’برساتاخبار کان ڪئي. ان کان پوءِ ”سنڌ“ ۽ ’ڪوشش‘ اخبارن سان به سلھاڙيل رهيو. 2002ع ۾ ھن ”ڪي. ٽي. اين“ ۽ ”ڪاوش“ گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ”ڪاوش“ ۽ ”ڪي. ٽي. اين نيوز“ سکر جو بيورو چيف رھيو. 2015ع ۾ سکر يونين آف جرنلسٽ جو صدر ۽ 2016ع ۾ سکر پريس ڪلب جو صدر رھيو. ادبي ذوق سبب سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ جو ميمبر پڻ رهيو. ھن سنڌ جي مسئلن تي اهم شخصيتن جا انٽرويو، اسٽوريون ۽ ڊاڪيومينٽريز پڻ ٺاھيون جن ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن جون اسٽوريون، 2010ع واري ٻوڏ جي رپورٽنگ وغيره شامل آھن. 13 آگسٽ 2023ع تي رات جو پريس ڪلب سکر مان نڪرڻ وقت مٿس قاتلاڻو حملو ڪري شھيد ڪيو ويو، سندس تدفين اباڻي ڳوٺ ۾ ٿي. سندس صحافتي خدمتن بابت ذوالفقار ھاليپوٽي، ’ڏات ڏھوڻي اوچو ڳاٽ‘ (ترتيب :2023ع) نالي ھڪ ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.03.03  عيسوي

ڪاوش ۽ ڪي. ٽي. اين نيوز جي مشھور صحافي جان محمد ولد محمد پريل مھر جو جنم 3 مارچ 1981ع تي چَڪ شھر جي ستئوپور محلي ۾ ٿيو.


2023.08.13  عيسوي

جان محمد مھر کي 13 آگسٽ 2023ع تي رات جو پريس ڪلب سکر مان نڪرڻ وقت قاتلاڻو حملو ڪري شھيد ڪيو ويو، سندس تدفين اباڻي ڳوٺ ۾ ٿي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جميل احمد ميمڻ
پروانو ڀٽي
مولا بخش ڀٽو
خير محمد کوکر
اسلم خواجا
حيات بلوچ
انور سومرو
پريل دايو
زلف پيرزادو
حاجي محمود هالائي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون